جنگلي مير

جنگلي مير: جنگلي مير بابت تحفة الڪرام ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته: ”مير غروري ڪاشاني، مرزا باقيءَ جو همعصر ۽ معتبر سيد هو. هيءُ ڪاشان کان هجرت ڪري اچي ٺٽي ۾ مقيم ٿيو. مغل ۽ ترخان درٻارن سان وابسته رهيو. شعر نهايت اعليٰ درجي جو چوندو هو. شعر جو ديوان ۽ ڪي ٿوريون مثنويون ڇپيل اٿس، کيس ٻه پٽ مير محمد منعم ۽ مير جنگلي نالي هئا، جن مان مير محمد منعم شاهجهان جي دور ۾ ساڳيو پيءُ وارو عهدو ماڻيو. اهو شاعر ۽ صاحب ديوان هو ۽ ’حسيني‘ سندس تخلص هو. مير جنگلي پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ وانگر عالم، فاضل ۽ شاعر هو، پر افسوس سندس شعر ناياب ٿي چڪا آهن. مير جنگليءَ جو اولاد شاهي درٻارن سان منسلڪ هو. “


لفظ جنگلي ميرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو